سنگ سچ ۽ سونهن جو

سنگ سچ ۽ سونهن جو (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌي لوڪ ادب سان تعلق رکي ٿو، جنهن ۾ سگھڙ وريام فقير شيخ جي سگھڙائپ واري شاعري ڏنل آهي، جنهن جو مرتب ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو آهي. هن ڪتاب جو انتساب وريام فقير پنهنجي مرشد پير پاڳاري سيد صِبغت الله شاهه جي نالي ڪيو آهي. ڪتاب جي بئڪ ٽائٽل تي ڪتاب جي مرتب ڊاڪٽر غلام نبي سڌائي جا ’ڪتاب جي باري ۾‘ جي عنوان سان مختصر تاثرات شامل آهن. رنگين ٽائيٽل ، ڊيمي سائيز، پڪي جلد ۽ 96 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب رائل ڪرائون پريس لکيدر شڪارپور پاران 2001ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جي قيمت 50 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو